ختم نبوت

ختم نبوت (ڪتاب): نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي خاتم النبيين هجڻ بابت مدلل ڄاڻ تي مبني هيءُ ڪتاب مشهور عالم ابوالاعليٰ مودوديءَ جي لکيل تفسير ۽ تفهيم القرآن جو هڪ ضميمو آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو مولانا اميرالدين مهر ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو مئي 2007ع ۾ ’سنڌ مسلم سوسائٽي‘ طرفان شايع ٿيل آهي. آفسيٽ پيپر جي رنگين ٽائٽل ڪور سان 80 صفحن تي مشتمل، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 16 روپيا آهي.


لفظ ختم نبوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو